ڳوٺاڻي تي با اثر ڪتن جي بڇ ڪري ڇڏي، انصاف جي اپيل

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي ڳوٺ بخشو خان برهماڻي ۾ با اثر زميندار جو ڳوٺاڻي تي ڪتن جي بڇ، ڪتن همراهه کي رتو رت ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻي گامڻ برهماڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته با اثر لعل بخش برهماڻي منهنجي زمين تي قبضو ڪيو آهي، مون ڪيترا دفعا پوليس کي سڪايت ڪئي پر ڪو ايڪشن نه ٿيو.

هو مونکي چوندو آهي ته هتي نظر نه ايندو ڪر، اڄ مان نياڻي جي گهر ڳوٺ بخشو خان برهماڻي ۾ ويس جيئن واپس آيس ته مشھور ڪاڇي جو بدنام زمانه چور ۽ با اثر لعل بخش برهماڻي منهنجي مٿان پاليل ڪتن جي بڇ ڪئي، ڪتا مونکي اڌ ڪلاڪ تائين چڪ پائيندي ليٽائيندا رهيا، مون دانهون ڪيون پر وحشي ڏوهاري  کي ڪو رحم نه آيو. مون ڪاڇي جي  قصبو  ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرايو پر بدنام ڏوهاري جو نالو ٻڌندي ئي قصبو ٿاڻي جي وڏي منشي فرياد داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. گامڻ برهماڻي  ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري هن ڏوهاري لعل بخش خلاف ڪاروائي ڪئي وڄي.

پهنجو تبصرو موڪليو