ڳالهين جو وقت گذري ويو، لاهور جلسو ڪامياب رهيو، شاهه

سکر(رپورٽ جئيرام داس) پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت وٽ رڳو اين آر او جو راڳ بچو آهي، ڳالهين جو وقت گذري ويو. لاھور ۾ پي ڊي ايم ڪامياب جلسو ڪيو حڪومت جلسو روڪڻ لاءِ ھر قسم جو طريقو استعمال ڪيو، رڪاوٽن باوجود عوام جلسو ڪامياب ڪري ڏيکاريو. اهڙو اظهار هن عدالت ۾ حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت سکڻن آسرن کان سواءِ  عوام کي ڪجهه به ناھي ڏئي سگھي، عوام  کي نوڪرين ۽ گھر ڏيڻ جو ڏٽو ڏنو ويو ،موجوده حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آھي ،پي ڊي ايم جلسن ۾ ڪا به نافرماني ناھي ڪئي ،پي ڊي ايم نه ڪو بل ساڙيو نه وري سول نافرماني ڪئي نه وري ادارن تي حملو ڪيو ،عمران خان سول نافرماني ڪئي ، ماڻھن کي سول نافرماني تي اڪسايو ، ادارن تي حملو ڪيو ،ھاڻي وقت ساز گار ناھي جو حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن ،جڏھن اپوزيشن ڳالھين لاءِ تيار ھئي ان وقت وزيراعظم ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار نه ھو ھن وقت ملڪي حالتون ٺيڪ نٿيون لڳن ، عمران خان وٽ ڪتن ۽ جانورن لاء ٽائيم آھي پر عوام لاءِ وقت ناھي. هڪ سوال جي جواب خورشيد چيو ته محمود اچڪزئي جلسي ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناھي ڪئي ، حڪومت وٽ رڳو ھاڻي اين آر او جو راڳ بچو آھي ، اين آر او ڪو وٺڻ لاء تيار ناھي ، ھي ڏيڻ جو  ڳالهيون پيا ڪن.ان کان اڳ پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  پي پي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ احتساب عدالت آندو ويو،   ٻڌڻي دوران ريفرنس ۾ نامزد ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا ،عدالت مختصر ڪاروائي بعد ڪيس جي ٻڌڻي 21ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رھي ته نيب سکر پاران خورشيد  احمد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جي مبينه ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيل آھي ، جنھن تي احتساب عدالت خورشيد شاھ سميت ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آھي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو