گٽر مان 2 مارٽر بم برآمد، پوليس پاران جاچ شروع

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 6 ۾ گٽر نالي مان مبينا طور 2 مارٽر گولا هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ابتدائي اطلاعن موجب بلاڪ ڊي ۾ گٽر نالي جي صفائي دوران گولا ڏسي عملي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي علائقي ۾ ڪڙو چاڙهي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي اطلاع ڏنوويو. ڊي ايس پي حسين آباد چيو ته گولا تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن ۽ جاچ به ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو