گيس ڏيو، انڙ پور ۾ عوام جو انوکو احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)انڙپور ۾ مانجهند تعلقي کي گئس ڏيارڻ لاء قدرتي وسيلن جي جدوجهد ڪميٽي طرفان شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري چلهيون ٺاهي ڇيڻن ۽ ڪاٺين تي ماني پچائڻ جو نمونو پيش ڪري انوکو احتجاج ڪيو ويو  ان موقعي تي ڪميٽي ڪنوينر خدا بخش ٿيٻو سڌير رند  ڪريم رند رزاق کوسو  رشيد کوسو غلام لاشاري ۽ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت انڙپور ۽ علي آباد مان يونائيٽڊ انرجي پاڪستان گئس ڪمپني وڏي عرصي کان گهڻي مقدار ۾ گئس ڪڍي ٻين صوبن ڏانهن موڪلي رهي آھي پر تعلقي مانجهند جي ڪنهن ب شھر ۽ ڳوٺ کي گئس نه ملي سگهي آھي جنهن سبب عورتون ڇيڻا ٻاري زهريلي دونهي ۾ رڌ پچاء ڪندي ٽي بي دم جي بيمارين ۽ سندن نظر ڪمزور ٿي وڃي ٿي گئس ڪمپني مقامي بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏئڻ بجاء ڌارين جي لوڌ ڀتي ڪري پيٽ تي لت هڻيو ويٺي آھي نڪرندڙ گئس جي زمينن جا معاوضا به حقدارن کي نه ملي سگهيا آھن جڏهن ت سندن زمين به غير آباد ٿي وئي آھي علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ رستا ٽٽل صحت تعليم سميت بنيادي سهولتن کان محروم آھي پر قائدن موجب ڪوبه ڪميونٽي فنڊ خرچ نٿو ڪيو وڃي وڏي عرصي کان سخت احتجاج باوجود  ڊي سي ڄامشورو ۽ ڪمپني انتظاميا  لکت باوجود بار بار واعدا ڪري فري وڃن ٿا جنهن خلاف پر امن احتجاج جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو