گيس جي گهٽتائي انڊسٽري سخت متاثر ٿي آهي، تاجر

ڪراچي (ويب ديسڪ) سئي سدرن گيس ڪمپني پاران ڪراچي جي صنعتن کي فراهم ٿيندڙ گيس جو پريشر گذريل هفتي کان گهٽ هئڻ سبب پيداوار ۽ برآمدات سخت متاثر ٿيا آهن.سائٽ ايسو سيئيشن آف انڊسٽريز جي چيئرمين سليمان چاولا جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي 14 سيپٽمبر کان گيس جو پريشر گهٽ آهي ته ٻئي پاسي بجلي جي لوڊ شيڊنگ وڌي وئي آهي. اسين توانائي واري وزارت سان رابطو ڪري کين نوٽيس وٺي معاملو جلد حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب ٽيرز ايسو سيئيشن جي شيخ افضل کين ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي سيڪٽر اي 7 ۾ هڪ هفتي کان گيس بند آهي. تاجرن مطالبو ڪيو ته گيس، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ يقيني بڻائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو