گوليمار عمارت، هڪ ئي گهر جي 7 ڀاتين جي تدفين

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ڪراچي عمارت ڪرڻ واري سانحي ۾ فوت ٿي ويل شڪارپور واسي ستن ڄڻن جي اجتماعي نماز جنازہ ادا ڪئي وئي، آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، ماحول سوڳوار. تفصيل موجب: چار ڏھاڙا اڳ ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل شڪارپور واسي ھڪ ئي خاندان جي ستن ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز  شڪارپور جي پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ فوتين جي وارثن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ھر اک آلي رھي ۽ فضا سوڳوار رھي، جڏھن تہ ان علائقي جو ڪاروبار بند رھيو، فوتين کي شڪارپور جي منڇر شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رھي ته چار ڏھاڙا اڳ ڪراچي جي علائقي گوليمار ۾ عمارت ڪرڻ سبب 27 ڄڻا فوت ٿيا ھئا، جن ۾ شڪارپور جي ھڪ ئي خاندان جا ست ڄڻا به شامل ھئا، فوتين ۾ زال مڙس، ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون 62 سالن جو محمد علي وسير، 52 سالا زبيدا وسير، 30 سالا سھيل، 25 سالا طارق، 18 سالا ثميرا، 16 سالا جاڙيون ڀينرون ڪائنات ۽ اقرا شامل آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو