گولان هائيٽس کي اسرائيلي علائقو مڃڻ تي عربن پاران امريڪا جي مذمت

تيونس (م ڊ / ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب جي بادشاه عبدالعزيز سميت 22 عرب ملڪن جي سربراهن “گولان هائيٽس” تي اسرائيلي قبضي کي جائز قرار ڏيڻ واري امريڪي صدر جي اعلان جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيوآهي اهو علائقو شام جو آهي. تيونس ۾ آچر تي منعقد ڪيل “عرب ليگ سمٽ” جي اڳواڻن جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سڀني ليڊرن هم آواز ٿي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ان باري ۾ جاري ڪيل حڪم کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙن اپائن سان مشرق وسطيٰ ۾ ڪڏهن به امن قائم نه ٿيندو.

Tunisian President Beji Caid Essebsi (C) chairs a session of the 30th Arab League summit in the Tunisian capital Tunis on March 31, 2019. (Photo by FETHI BELAID / POOL / AFP)

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوئترر سمٽ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته شام ۾ هلندڙ جهيڙي جي ڪنهن به قسم جي حل ۾ گولان هائيٽس سميت سندس علائقائي سالميت جي ضمانت هجڻ گهرجي. سعودي عرب جي بادشاه چيو آهي ته هو گولان هائيٽس کي مقبوضه علائقو مڃيندي ان کي شام جو حصو سمجهي ٿو. هن علائقي تي اسرائيل 1967 ۾ قبضو ڪيو هو ۽ 1981 ۾ اسرائيل ان کي پنهنجو حصو قرار ڏنو هو. سعودي عرب جي بادشاهه چيو ته مشرق وسطيٰ ۾ فلسطين جي آزاد ۽ خودمختار رياست جي قيام تائين ممڪن ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اها فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو هنڌ يروشلم/ بيت المقدس هجي. واضح رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي يروشلم کي اسرائيل جو حصو۽ گادي جو هنڌ تسليم ڪندي امريڪي سفارتخانو کولڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار اعجاز مهر جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح ڀارت اليڪشن جي موقعي تي پاڪستان سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي، اهڙي طرح اسرائيل ۾ به اليڪشن جي موقعي تي امريڪي صدر نيتن ياهو کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ماحول ٺاهي رهيو آهي. سندس موجب باوجود ان جي ته عرب دنيا جيڪا يمن ۽ شام ۾ هلندڙ جنگين، سعودي ۽ قطراختلافن، سوڊان ۽ الجزائر۾ هلندڙ افراتفري، ايران ۽ سعودي عرب اختلافن ۽ ٻين سببن جي ڪري ورهايل مشرق وسطيٰ جي قيادت گولان هائيٽس جي معاملي تي متفق ۽ متحد ٿي، هم آواز بڻجي، هڪ سگهاري آواز ۾ واضح پيغام ڏنو آهي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته سعودي قيادت جا امريڪي صدر ۽ اسرائيل سان بهتر تعلقات ڪنهن کان لڪل ناهن پر هن معاملي تي سعودي بادشاهه جو چٽو موقف اختيار ڪرڻ هڪ بولڊ عمل آهي. واضح رهي ته هن خصوصي سمٽ جو اهتمام تيونس جي وزيراعظم ڪيو جنهن ۾ عرب دنيا جي ٻاويهه بادشاهن، صدرن ۽ وزيراعظمن شرڪت ڪئي آهي. هن سمٽ ۾ شام جي سيٽ خالي هئي جنهن کي ملڪ اندر سياسي مخالفن کي ڪچلڻ جي الزام هيٺ سندس رڪنيت 2011 کان معطل ڪئي وئي آهي. سوڊان ۽ الجزائر جا نمائندا به سمٽ ۾ سندن ملڪن ۾ هلندڙ سياسي شورش سبب شريڪ نه ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو