گوتريس پاران دنيا کي ڊبليو ايڇ او جي مالي مدد جي اپيل

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا کي صحت جي عالمي اداري جي مالي امداد جي اپيل ڪئي آهي. يو اين جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل سندس بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر چين ڏانهن جهڪاءُ هجڻ جو الزام هڻي امداد روڪڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. هن بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا اهڙي آهي جيڪا اسان پنهنجي حياتي ۾ ناهي ڏٺي، هي مشڪل حالتون آهن ۽ گڏجي ڪورونا خلاف اپاءَ وٺڻا پوندا. اهو ضروري آهي ته دنيا ان جنگ لاءِ صحت جي عالمي ادادري جي مالي مدد ڪري. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڌرين لاءِ هڪجهڙين حقيقتن بابت انهن جي مختلف راءِ هجي. هي وڏي وبا آهي ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو