گهوٽ سميت 3 ڄڻن جا خودڪشي بعد لاش هٿ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڇاڇرو ڀر جي ڳوٺ سڍاڙو ڀرسان امين جي ڍاڻي ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ٽنگيل لاش هٿ آيو، وارثن جو چوڻ آهي ته 19ورهين جي ڪريمداد پٽ ساجن نهڙي آپگهات ڪيو آهي. ٻئي پاسي کپري ويجهو ڳوٺ ڌڻي پرتو پهوڙ ۾ 20ورهين جي نوجوان  سڪيلڌو پهوڙ جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. وارثن موجب، نوجوان جي ٻن ڏينهن بعد شادي رٿيل هئي  جڏهن ته ميرپورخاص جي مھراڻ پوليس ٿاڻي جي حد ريلوي پٽڙي تان اياز عرف عامر ڏيٿو جو لاش پڻ مليو، اطلاع تي مھراڻ پوليس پھچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو