گهوٽڪي واسي ڏکڻ آفريڪا ۾ روڊ حادثي ۾ فوت

اوٻاوڙو( اسد علي گهنڃو) گهوٽڪي شهر جي ڊونگ محلي جو رهواسي هندو نوجوان سنديپ ڪمار پٽ گاشي رام سائوٿ آفريڪا ۾ چانورن جو واپار ڪندو هو ۽ هو ماتا جي مندر ۾ پوڄا لاء وڃي رهيو هو ته روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. اھڙي تصديق نوجوان سنديپ ڪمار جي والد گاشي رام ڪئي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته پٽ سنديپ ڪمارجو مڙھ پاڪستان آڻڻ لاء قانوني گهرجون پوريون ڪري رهيا آهيون لاش پاڪستان پهچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو اسين پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته لاش پاڪستان پهچائڻ ۾ مدد ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو