گهوٽڪي چونڊ، مامون ڀاڻيجو آمهون سامهون، منٿ ميڙ شروع

خانپورمھر)ن س) مرحوم علي محمد خان مهر جي وفات بعد خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 خانڳڙهه گهوٽڪي تي چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. 18 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ جوڙ توڙ ۽ منٿ ميڙ قافلن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڇنڇر تي چيف سردار محمد بخش خان مھر پاران احمد علي خان مھر کي پنھنجي حق م ھٿ کڻائڻ جي ڪوشش، چڱن مڙسن کي ميڙ ڪري مرحوم سئوٽ سردار علي محمد خان مھر جي رھائشگاھ تي پھتو، جتي پنهنجي ڀاڻج ۽ جي ڊي اي، جي اميدوار احمد علي خان مھر کي پنھنجي حق م ھٿ کڻڻ جو چيو. ذريعن ٻڌايو ته محمد بخش خان پنهنجي ڀاڻج کي چيو ته هي تڪ منهنجي بابا جو هو ۽ سندن وفات بعد اوهانجي والد کي مليو. اوهان جو والد منهنجو وڏو ڀاءُ(سوٽ) هو ۽ جيستائين اهي زنده هئا مون هن جي حميات ڪئي. هاڻي اوهانجي والد جي وفات بعد مان اوهان جو وڏو به آهيان ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جيڪا مون اوهان کي وٺائي پئي ڏني، اوهين ها ڪري فري ويا، پارٽي جو دٻاءُ آهي اوهين معاملن کي سمجهو.  جنهن تي هن کيس جواب ڏنو ته ماما سائين اوهان منهنجي والد جي جاءِ تي آهيو پر سياسي فيصلو چاچا علي گوھر خان مھر ڪندو ۽ بهتر آهي ته اوهان ان سان رابطو ڪريو. ان موقعي تي بنگل خان مھر، سيد ناصر شاھ، حاجي دادن خان، زبردست خان ۽ ٻيا سردارمحمد بخش خان مھر سان گڏ ھئا. ياد رهي ته اڳ ۾ عيد ملڻ لاءِ احمد علي خان سردار محمد بخش خان سان گڏ بلاول سان شهيد بينظير آباد ۾ ملاقات به ڪئي هئي پر بعد م خانداني دٻاءَ سبب مامي کي ڇڏي چاچي جي ڀر ٿي ويو. هوڏانهن ڇنڇرتي خانڳڙھ جي گوھر پيلس ۾ مھر برادري جي مختلف پاڙن جي چڱن مڙسن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ مختلف پاڙن جي مقدمن سان علحده علحده ملاقاتون ڪري کين چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته ننڍا وڏن جو احترام نٿا ڪن ۽ بنا صلاح جي پنهنجي ڪري رهيا آهن. هن کين هدايت ڪئي ته احمد علي خان مهر کي ووٽ ڏيو، سندس والد جي وفات سبب سيٽ خالي ٿي آهي ۽ هن جو حق آهي. ملاقات ۾ علي گوهر جو پٽ حاجي خان به موجود هو. محمد بخش خان ۽ احمد علي خان گذريل ڏينهن ڌار ڌار جلوسن جي شڪل ۾ رٽرننگ افسر وٽ فارم جمع ڪرايا هئا. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش خان چيو هو ته سياست هر ڪنهن جي پنهنجي آهي پر رت جا رشتا ٽٽي نٿا سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو