گهر مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) مورو روڊ تي ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل جي مسترين پاران ڀتو نه ڏيڻ تي سندن گهرن مٿان حملو ڪرڻ خلاف مستري عامر ملڪ ۽ عمران ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مسترين دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن هو پنهنجي ڪورٽ روڊ واري اوطاق تي ويٺل هئا ته ڄاتل جوابدارن منصور، رونق کوسو ۽ ٻين حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو. حملو ڪندڙن جي هٿ ۾ پسٽل هو جيڪي کين ماهوار ڀتو ڏيڻ لاءِ چئي رهيا هئا. هنن چيو ته جوابدار اڳ به ڀتي ڏيڻ لاءِ ڌمڪائيندا رهيا آهن نوشهروفيروز ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس اڃا تائين کين گرفتار ناهي ڪيو جنهن سبب سندن زندگيءَ کي خطرو آهي. هنن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ کين تحفظ فراهم ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته پنهنجا دڪان بند ڪري پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو