گڊو لڳ حادثي ۾ 3 زخمي، گهرواڻبڻت تان ڀاڄائي قتل

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )گڊو ٿرمل پاور ھائوس ويجھو انڊس ھائي وي تي چنگچي ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪرسبب ٻھ عورتن سميت 3 ڄڻان زخمي ٿي پيا.زخمين کي گڊو پوليس موبائل ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ھڪ عورت جي حالت گڻتي جوڳي آهي. زخمين کي پرائيوٽ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾  آرڊي 82 پل واري علائقي ۾ ڪارو ڪاري جي الزام ۾  جوابدار لعل خان جکراڻي 35 ورھين جي ڀاڄائي مسمات امام خاتون کي بندوقن جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي ڪشمور پوليس مقتولا جو لاش تعلقه اسپتال ڪشمور۾ پھچايو ويوآهي جتي ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر ۾ پھچڻ بعد ڪھرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو