گم ڪيل شهرين جي گهر ڀاتين کي سرڪاري نوڪري ڏيو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، حڪومت کي گم ٿيل شهرين جي گهر ڀاتين جي ڪفالت ۽ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، ڊائريڪٽر بيت المال سميت ٻين کاتن جا عملدار 7 آڪٽوبر تي طلب ڪيا ويا.  جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ڪميٽيز جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، لاپتا شهري جي گهر واري، ڌيءُ يا پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو