گمان ۽ جاسوسي ڪرڻ قرآن مطابق گناهه آهي، جسٽس بنديال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مقرر ڪيل اٽارني جنرل جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ۾ حڪومت جي وڪالت کان انڪار ڪندي چيو آهي ته هن معاملي ۾ مفادن جو ٽڪراءُ آهي ان ڪري ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کي وڪيل مقرر ڪيو آهي ۽ اها درخواست قبول ڪئي وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ بينچ شروع ڪئي ته قانون وارو وزير فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ملڪي مفاد خاطر کيس پرڏيهه وڃڻو آهي ان ڪري هو پيش نٿو ٿي سگهي ٻڌڻي ملتوي ڪريو. جنهن تي عدالت کيس چيو ته اوهان ٽن هفتن جي تياري جو وقت گهريو  هو اوهان کي وقت ڏيون ٿا ۽ هڪ جج به مارچ ۾ پرڏيهه ويندو. ان دوران جسٽس عمر عطا بنديال قرآن پاڪ جي مختلف آيتن جو حوالو ڏنو ۽ ترجمو ڪندي چيو ته قرآن چوي ٿو ته گمان نه ڪريو ۽ جاسوسي به نه ڪريو ائين ڪرڻ گناهه آهي. جسٽس وڌيڪ چيو ته عدليه جا فيصلا ڳالهائيندا آهن مون ڪو غلط نه ڪيو هو پر اخبار پڙهي ڏک ٿيو، ها منهنجو آواز ٿورو اونچو هو، بحرحال عدليه کي تنقيد برداشت ڪرڻ پوندي آهي. عدالت التويٰ جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ ڪاروائي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان دوران پاڪستان بار ڪائونسل پاران قانون جي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست جو ذڪر ٿيو ته عدالت پاڪستان بار جي نائب چيئرمين عابد ساقي کي چيو ته اڃا ان تي نمبر ناهي لڳو. ساقي چيو ته اسين ڪنهن جي ذات جي خلاف ناهيون. جسٽس بنديال چيو ته 30 مارچ تي اها به ٻڌنداسين. ياد رهي ته هن ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي اتارني جنرل انور منصور 18 فيبروري تي چيو هو ته بينچ ۾ شامل ڪجهه جج جسٽس فائز عيسيٰ کي جواب تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جنهن تي عدالت سخت نوٽيس وٺندي کيس ججن جا نالا ٻڌائڻ يا غير مشروط طور لکت ۾ معافي وٺڻ جو چيو هو. جنهن بعد اٽارني جنرل بيان واپس وٺندي معافي نامون جمع ڪرايو هو. حڪومت کيس هٽائي ڇڏيو هو جنهن بعد هن چيو هو ته جيڪو ڪجهه هن چيو ان بابت حڪومت کي خبر هئي پر فروغ نسيم چيو هو ته کيس ڪا به خبر نه هئي. جنهن بعد پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ان ڊي خان جي پٽ خالد جاويد کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو