گلوڪارا آئما بيگ جي اداڪار شهباز شگري سان مڱڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلوڪارا آئما بيگ اداڪار شهباز شگري سان باضابطه مڱڻي ڪري ڇڏي. وفاقي گادي واري شهر ۾ ٿيل تقريب ۾ ٻنهي جي گهر ڀاتين ۽ شوبز سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن شرڪت ڪئي. مڱڻي جي تقريب جو بندوبست ويڊنگ شيڊنگ نالي ڪمپني ڪيو. گلوڪار ۽ موسيقار بلال سعيد، حانيه عامر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ٻنهي هڪٻئي کي منڊيو پارايون. هنن مارچ ۾ سوشل ميڊيا تي خبر هلائي هئي پر تقريب هاڻي منعقد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو