ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فرانس ۾ گستاخي وارن خاڪن واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل تي سڄي صوبي ۾ عدالت نظام معطل ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي معطل ڪئي وئي آهي ۽ سموريون بينچون ڊسچارج ڪيون ويون آهن جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن ۾ به عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا پر تنهن هوندي به ڪجهه ارجنٽ ڪيسن جون ٻڌڻيون ججن جي چيمبر ۾ ٿينديون رهيون. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ به گستاخي وارن خاڪن جي ڇپائي جي معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل جي اپيل تي عدالتي معاملن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ هاءِ ڪورٽ بينچ، سرڪٽ بينچ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ٺٽو ۽ نواب شاهه ۾ به وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي، وڪيل هڙتال سبب عدالتن ۾ پيش نه ٿيا جنهنجي سبب ڪيس جون ٻڌڻيون ملتوي ٿي ويون.سکر ۽ لاڙڪاڻو سرڪٽ بينچ ياد رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي گستاخي وارن خاڪن جي ڇپائي ۽ ان جي حق ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي بيان کانپوءِ پوري دنيا ۾ مسلمانن پاران فرانس جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلمان ملڪن ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جي مهم هلي رهي آهي. جڏهن ته پاڪستان به فرانس جي اهڙي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ مان مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان فرانس جي سفير کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو ۽ فرانس ۾ مقر پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب جي لاڳاپن جي خبر نه هئي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28