گرين بيلٽ مان ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گرين بيلٽ مان حددخليون فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪي ايم سي کي گرين بيلٽ اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، پي اي سي ايچ سوسائٽي فيز 6 ۾ محمود آباد ۾ 10 ايڪڙن واري گرين بيلٽ تي قائم ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس غيرقانوني قرار ڏيندي ٻن مهينن اندر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پي اي سي ايچ سوسائٽي چيو ته اها زمين ڪي ايم سي جي آهي اسانجو ان سان واسطو ناهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته گرين بيلٽ کي ڪمرشل سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪي اليڪٽرڪ جي گريڊ اسٽيشن کي به ٻن مهينن اندر هٽايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو