گرفتاري جي ڊپ کان جان محمد بلوچ پرڏيهه فرار ٿي ويو

ملير(درياخان شر) ڊي ايم سي ملير ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ٿيڻ بعد  چيئرمين جان محمد بلوچ گرفتاري جي خوف کان آمريڪا فرار ٿي ويو آهي. هن خلاف عوامي ایڪشن ڪمیٽي جي درخواستين تي ڪڙورين روپين جي مبينه ڪرپشن  جي تحقيقات مختلف ادارا ڪري رھيا آھن. ادارن جي روايتي نااھلي ۽ سستي سبب جان محمد بلوچ  گرفتاري جي خوف کان راتون رات آمریڪا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامیاب ٿي ويو. هن جي اچتو فرار ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي هلندڙ ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. ياد رھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ  نيب جي هڪ ٽيم ڊي ايم سي ملير تي ستون ڇاپو ھڻي رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي ھئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو