گجرانوالا ۾ قافلن جي آمد جاري، مريم به رواني ٿي وئي

گجرانوالا(خصوصي رپورٽ) اپوزيشن جي 11 جماعتي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم پاران پهرين پاور شو  جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ اسٽيج تيار ٿي وئي. مقامي ماڻهو جلسي گاهه ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مريم نواز جاتي امرا ۾ والده جي قبر تي دعا گهري وڏي جلوس سان گڏ گجرانوالا لاءِ رواني ٿي چڪي آهي، سندس جلوس سان گڏ ڪرين به آهي جيڪا ڪنٽينر هٽائيندي رستو صاف ڪندي. ان کان اڳ مريم اورنگزيب، رانا ثناءَ الله، پرويز رشيد ۽ ٻين جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ايم اين اي خرم دستگير چيو ته منهنجي گهر ٻهاران ڪنٽينر رکيا رستو بلاڪ ڪيو ويو آهي، مان موٽر سائيڪل تي جلسي ۾ پهتو آهيان. جلسي گاهه ۾ عورتن ۽ مردن جي داخلا لاءِ علحده دروازا رکيا ويا آهن. قيادت جي آمد، ميڊيا ۽ ايمرجنسي لاءِ به ڌار ڌار دروازا مقرر ڪيا ويا آهن. مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪنٽينر رکي پنج ڪلوميٽر پري کان پيادل جلسي گاهه ۾ وڃڻ لاءِ ڪارڪنن کي مجبور ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود رات ئي گرائونڊ ڀرجي ويو هو. حڪومت هٽايو تحريڪ جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي. لاهور، فيصل آباد، گجرانولا، قصور، سيالڪوٽ ۽ مختلف شهرن ۾ پوليس حفاظتي انتظامن جي نالي ۾ مختلف جاين تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏيو آهن. گجرانولا شهر جي جناح گرائونڊ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪنٽينر رکي ڇڏيا آهن. مختلف شهرن مان قافلا گجرانوالا روانا ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. بلاول ڀٽو سيالڪوٽ کان لالا موسيٰ پهچي ويو آهي جتان منجهند جو وڏي جلوس جي شڪل ۾ گجرانولا روانو ٿيندو. مريم نواز لاهور مان قافلو وٺي ايندي. مولانا فضل الرحمان لاهور جي فيروزپور روڊ تي واقع جامعه اشرفيه مدرسي مان جلوس جي قيادت ڪندي گجرانولا پهچندو. اپوزيشن حڪومت تي پڪڙ ڌڪڙ ۽ رڪاوٽن جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته هو جلسي کي ناڪام بنائڻ لاءِ هر ڪوشش ۾ رڌل آهي. جڏهن ته حڪومت اهڙا الزام رد ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن خوف ۾ مبتلا آهي ته گرائونڊ ڪيئن ڀرينداسين؟ اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته جناح گرائونڊ اپوزيشن وارا نه ڀري سگهندا. مسلم ليگ جي پرويز رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن گرائونڊ ڀرجي ويو ته شبلي استعيفيٰ ڏئي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته جناح گرائونڊ ۾ 30 هزار ماڻهن جي گنجائش آهي ۽ اپوزيشن وارن اڌ گرائونڊ ڇڏي اسٽيج ٺاهي آهي. ياد رهي ته گجرانولا مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه آهي جتي هنن حد کان وڌيڪ شاندار ترقياتي ڪم ڪراي آهن، انڊر پاس، اوور هيڊ برج، روڊ رستا ايئن لڳندا آهن ڄڻ ماڻهو يورپ ۾ اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو