گاڏي هلائيندي دل جو دورو پوڻ سبب جج فوت ٿي ويو

بهاولپور(ويب ڊيسڪ)  دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج نعيم ارشد دل جو دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گهر ڀاتين موجب جج نعيم ارشد کي گاڏي هلائيندي راولپنڊي ۾ دل جو دورو پيو جنهن کان پوءِ هو الله کي پيارو ٿي ويو. نعيم ارشد جو تعلق ملتان سان هو جتي هو 10 سال وڪالت ڪرڻ کان پوءِ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج بڻيو ۽ 16 آڪٽوبر 2014ع تي کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي هئي. نعيم ارشد 2019 کان بهاولپور ۾  دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ خدمتون  سرانجام ڏئي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو