گادي نشين نانگ جي ڏنگ سبب فوت، درگاهه تي سوڳ

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) تاريخي شهر خداآباد ويجهو درگاهه شاهه شڪر گنج جو گادي نشين فقير ياسين شيخ نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو، چيو وڃي ٿو ته فقير ياسين شيخ دوستن سان گڏ گورک هل اسٽيشن تي گهمڻ ويو هو، جتي ڳوٺ ٻڍو خان بوزدار ۾ رات ترسيو، دوستن سان گڏ پٽ تي ستل هو ته نانگ کيس ڪکيو، کيس دادو اسپتال نيو پئي ويو پر هو بچي نه سگهيو، نوجوان گادي نشين جي عمر 22 سال ٻڌائي پئي وڃي ۽ هو هڪ ٻار جو پيءُ هو درگاھ شاھ شڪر گنج جي گادي نشين جي اوچتي لاڏاڻي تي وارثن ۽ درگاهه جي عقيدتمندن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي، سندس لاش دادو ڀرسان ڳوٺ ابل شيخ آندو ويو ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو جتي ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو