ڪڻڪ ڪرپشن، جوابدار کي 7 سال قيد 10 ڪروڙ ڏنڊ جي سزا

سکر(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سکر پاران خوراڪ کاتي شڪارپور ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو . احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فلور مل مالڪ پرشو تم لعل کي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي . عدالت سزا ٻڌايل جوابدار پرشو تم لعل کي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو .  نيب جوابدار فلور مل مالڪ پرشوتم لعل کي گرفتار ڪري خريد ڪيل سرڪاري ڪڻڪ ۾ ڏهه ڪروڙ روپين جون گهوٻيون هڻڻ جو ريفرنس داخل ڪرايو هو جنهن جو ٽرائل ٽن  سالن تائين هلندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو