ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن اثرائتو بڻائڻ لاءِ تياريون مڪمل

شڪارپور (ن سنڌيار) شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن اثرائتو بڻائڻ لاءِ تياريون مڪمل، اسپيشل ڪمانڊوز ۽ نشاني باز ڳڙهي تيغو جي علائقي ۾ پهچي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ اهلڪارن پوزيشن سنڀالي ورتي، شڪارپور جي نئين ايس ايس پي تنيور تنيو طرفان ڳڙهي تيغو ۾ قائم ڪيمپس جو دورو، پنهنجي ٽيم جي آفيسرز کان آپريشن جي حڪمتِ عملي بابت بريفنگ ورتي، ايس ايس پي شڪارپور تنوير چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي اهي، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي منطقي انجام تائين پهچائي جلد امن بحال ڪيو ويندو، پنجاب مان اُماڻيل جديد بڪتربند گاڏيون، هٿيار ۽ ڪمانڊوز به شڪارپور جي ڪچي ۾ پهتل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو