ڪچي ۾ آپريشن جاري، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، عمر شر تي ڪيس داخل

اوٻاوڙو (غلام علي رند) رونتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو آپريشن ٻئي ڏينهن تي به جاري آهي. پوليس ۽ ڏوهارين م وقفي وقفي سان ڇتي فائرنگ جاري آهي، علائقي ۾ ڏهڪاءَ سبب مقامي ماڻهو سخت پريشان آهن. مالوند ماڻهو ڍور ڍڳا مرڻ جي خوف کان ٻاهر نه پيا ڪڍن. گذريل ڏينهن پوليس ۽ ڏوهارين م مقابلي دوران بڪتر بند گاڏي تي راڪيٽ لانچر لڳڻ سبب گاڏي خراب ٿي وئي هئي. هڪ پوليس اهلڪار خان محمد ڌانڌو شهيد ٿيو هو جڏهن ته ٻن ايس ايڇ اوز ۽ هڪ اي ايس آئي سميت 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا. اهلڪار جي قتل، پوليس مقابلي، ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس تي حملي ۽ دهشتگردي جي قلمن هيٺ عمر شر گينگ جي  30 ماڻھن مٿان رونتي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي هوڏانهن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ڊي آئي جي سکرفدا حسين مستوئي به رونتي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ لٿل آھي جڏهن ته گذريل ڏينهن واري واقعي بعد پوليس ۾ وڏو تاءَ پکڙيل آھي. ايس ايس پي گهوٽڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڏوهارين کي هرگز معاف نه ڪبو پوليس مٿان حملو ڪندڙ ڏوهارين خلاف آپريشن منطقي انجام تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو