ڪپيل ديو جي آپريشن بعد طبيعت سڌرندڙ

نئين دلي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڀارتي ڪرڪٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر ڪپل ديو کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. جتي سندس آپريشن بعد طبيعت سڌرندڙ آهي ۽ خطري کان ٻاهر آهي. 62 سالن جو ڪپيل ديو بابت ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪپل ديو جي طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ فوري طور تي کيس نئين دهلي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ان جي انجيوپلاسٽي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کيس ٻن ٽن ڏينهن بعد کيس ڊسچارج ڪيو ويندو. ياد رهي ته 1983 ۾ ڀارت سندس ڪپتاني ۾ ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ کٽيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو