ڪٻڊي ورلڊڪپ ۾ ڀارت، جرمني ۽ آسٽريليا ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪٻڊي ورلڊڪپ جا شاندار مقابلا جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن کيڏيل 3 مقابلن ۾ دفاعي چيمپئن ڀارت، جرمني ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ڪامياب رهيون. لاهور جي پنجاب اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچن ۾ دفاعي چيمپئن ڀارت سيراليون خلاف ميچ ۾ هاف ٽائيم تي 8-22 جي برتري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪندي 18-45 جي وڏي مارجن سان فتح حاصل ڪئي. جڏهن ته ٻئي مقابلي ۾ جرمني ۽ انگلينڊ وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي توقع هئي پر جرمني پنهنجي حريف کي آساني سان 24-53 کان شڪست ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ڏينهن جي ٽئين ميچ ۾ آسٽريليا آذربائيجان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 24-53 کان مات ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته هاڻي اهو ايونٽ فيصل آباد منتقل ڪيو ويو آهي جتي اربع کان ميچون کيڏيون وينديون. فيصل آباد کان پوءِ گجرات جنهن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ايونٽ جي لاهور واپسي ٿيندي جتي 15 ۽ 16 فيبروري تي سيمي فائنل ۽ فائنل جا مقابلا ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو