ڪي پي سي صدر جا ووٽ برابر، ٻين عهدن تي ڊيموڪريٽس ڪامياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ صدر جي عهدي لاءِ ڊيموڪريٽس جي اميدوار امتياز خان فاران ۽ يونائيٽڊ پينل جي احمد خان ملڪ وچ ۾ مقابلو برابر رهيو. ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ صدر جي عهدي لاءِ ٻنهي اڳواڻن کي 579، 579 ووٽ مليا جنهن ڪري اليڪشن ڪميٽي کي نتيجا 6 جنوري تائين روڪڻا پيا. چونڊ ڪميٽي 3 ڀيرا ووٽن جي ڳڻپ ڪئي جنهن کان پوءِ ٻنهي پئنل جي صدرن کي چونڊ معاملي تي 6 جنوري تائين باهمي مشاورت سان فيصلو ڪرڻ جو چيو. ڪميٽي مطابق جيڪڏهن ٻنهي طرفان ڪو معاهدو نه ٿي سگهيو ته ان عهدي لاءِ ٻيهر چونڊ ڪرائي ويندي. ٻئي طرف ڪي پي سي جي ٻين سڀني عهديدارن تي ڊيموڪريٽس جي اميدوارن کي ڪاميابي ملي آهي. ڊيموڪريٽس جي ارمان صابر سيڪريٽري، سعيد سربازي نائب صدر، راجه ڪامران خزانچي ۽ محمد ثاقب صغير جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدن تي ڪامياب ٿيا آهن. اهڙي طرح گورننگ باڊي ۾ عبدالجبار ناصر، عبدالوحيد راڄپر، زين علي، عتيق الرحمٰن، بينا قيوم، محمد لياقت علي ۽ سعيد احمد لاشاري شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو