ڪي اين شاهه ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف پارٽين ۽ شهرين پاران احتجاجي جلوس ڪڍي ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان آبپاشي عملدارن خلاف  نعرا هنيا ويا. جي يو آءِ جي ضلع اڳواڻ حافظ انور کوهارو، مولانا عبدالعزيز کوهارو ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري مولانا عمر فاروق چانڍيو ڪائونسلر محمدخان کوهارو صۡحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نارا ڊسٽري ۽ جوهي برانچ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آھي جنهن سبب پڇڙي جي شاخن پيڄاهو شاخ بيگو ديرو شاخ ڌامراهه شاخ ميان داد واهه سميت ننڍن وڏن شاخن تائين پاڻي پهچي نه سگهيو آهي، جنهن سبب آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آھي. زرعي زمينون بنجر ٿينديون پيون وڃن هتان جا ماڻھون لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن. اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري شاخن م پاڻي نه ڏنو ويو ته 6 آگسٽ اڱاري تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو