ڪي اليڪٽرڪ عملي جي ملي ڀڳت، ڪنڊا سسٽم عام جام

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي بجلي چوري ڪرائڻ لڳي، ملير قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن جوڳي موڙ حسن پهنور يوسف عارفاڻي ڊائود شورو ڳوٺ شاهه لطيف ٽائون در محمد خروس جتوئي ڳوٺ عبدالله ڳوٺ علي محمد لاشاري ڳوٺ پير سرهندي ڳوٺ ڄام ڪنڊو صالح محمد ڳوٺ کوئي ڳوٺ ڌڻي پرتو موسي’ رزاق آباد سميت سوين علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي اي سي عملدارن جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني ڪنڊن ذريعي هر مهيني لکين روپيا ڳڙڪائي رهيا آهن ميٽر جو بل ادا ڪندڙن کي ڪابه سهولت ناهي، بل ادا ڪندڙ شهرين شاھ مراد علي حيدر محمد رمضان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان سڄو علائقو ڪنڊا مافيا جي ور چڙهي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو