ڪيهر ۽ ڪٽا برادرين م جهيڙو 3 ڄڻا زخمي، اين سي داخل

مبارڪپور( ن س) ڳوٺ گل حسن کوسو ۾ ڪيهر ۽ ڪٽہ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو  ٿي پيو جنهن ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. مبارڪپور پوليس اين سي داخل ڪري زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي سول اسپتال جيڪب آباد موڪلي ڇڏيو. جھيڙي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻا استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪٽا برداري جي محمد خان، علي گوهر ڪٽو ۽ هڪ عورت مرادان زخمي ٿي پئي، جنهن کي مبارڪپور ٿاڻي تي آندو ويو زخمين کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏيئي اسپتال موڪليو ويو، ڪٽا برداري جي فرياد تي جعفر ڪيھر ۽ انور ڪيهر تي اين سي داخل ڪئي وئي، آخري اطلائن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو