ڪينسر جي مريض جي سرندي وارن کي حياتي بچائڻ جي اپيل

گهوٽڪي (ن س) مومل جي ماڙي لڳ ڳوٺ علي مهر جو نوجوان ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل، غربت سبب مهانگي علاج ڪرائڻ کا لاچار آهي. هن حياتي بچائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بيت المال جي چيئرمين ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج جو بندوبست ڪيو وڃي. 24 سالن جو نوجوان علي بخش عباسي جيڪو ٽن ٻارن جو پيءُ به آهي تنهن جو چوڻ آهي ته علاج تي 50 کان 60 لک خرچ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو سندس خاندان جي وس کان ٻاهر آهي. ماسٽرس جي دگري هولدر هن نوجوان جا سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا آهن. هن چيو ته والدين اعلي ٰ تعليم ڏياري ته وڏو ٿي سندن سهارو بڻجندس پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. هن چيو ته منهنجو علاج ڪرايو مرڻ نٿو چاهيان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو