ڪينجهر ۾ ٻيڙي اونڌي، هڪ ئي ڪٽنب جا 10 ڀاتي فوت

ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ڪينجھر ڍنڍ ۾ خوفناڪ واقعو، ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 ماڻھون ٻڏي ويا 3 کي بچايو ويو، 10 ڄڻا ٻڏي فوت، لاش ڪڍيا ويا ۽ ٻين جي ڳولا جاري آهي. ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪاٺ واري ٻيڙي نوري جي مزار ويجھو پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا ٻڏي ويا، جن ۾ 21 ساله عروج ڌيءَ عثمان غني، 20 ساله سعديه ڌيءَ يوسف، 21 ساله علي شاھ ولد يوسف، 21 ساله شائزا ڌي يوسف، 25 ساله عزم زال عامر، 24 ساله مسرت زال آصف، 40 ساله حبيا ڌي يوسف، ڏيڍ ساله ماھم ڌي عثمان غني، 10 ساله عزہ ڌي عثمان غني، 11 ساله  امان ولد عثمان غني، ماھين ڌي محمد وسيم، رشيدان زال عثمان غني، روبينه زال عثمان غني شامل آھن، جن مان 3 ڄڻن کي بچايو ويو، ٻڏي ويلن جا لاش ڪڍي سول اسپتال مڪلي پھچايا ويا،

Photo Sindhyar

سمورا فوتي نرسري ڪراچي جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي پڪنڪ ملھائڻ لاء ڪينجھر ڍنڍ تي آيا ھئا، جيڪي ٻيڙي ۾ سوار ٿي حادثي جو شڪار بڻيا. ھوڏانھن اطلاع ملڻ تي پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان، اسسٽنٽ مختيارڪار ٺٽو عبدالعزيز ميمڻ، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، ڪي سي اين جي انيس ھيلايو، رئيس محمد سليم گندرو، حاجي منور ھيلايو سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھو ڪينجھر ڍنڍ تي پھچي ٻڏي ويل ماڻھن کي ريسڪيو ۾ مدد ڪئي،

Photo Sindhyar

ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو ته ھي افسوسناڪ آھي، ھن واقعي تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي، ھن چيو ته فوتين جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ گڏ آھيون ۽ سندن ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ھوڏانھن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير کي ھدايت ڪئي ته فورن ڪينجھر ڍنڍ حادثي واري جاء تي پھچي متاثرين جي ھرممڪن مدد ڪئي وڃي. ھنن چيو ته غفلت ڪندڙ ٻيڙي واري خلاف پڻ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، سنڌ ملاح فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروھي، ڪي ڊي ايف جي چيئرمين ڊاڪٽر لکمير پالاري ۽ ٻين ڪينجھر واقعي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ھي واقعا دل ڏکوئيندڙ آھن، الله پاڪ فوتين کي جنت الفردوس ۾ جڳھ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي اسان فوتين جي وارثن سان ھن ڏکجي گھڙي ۾ ساڻن گڏ آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو