ڪينجهر قبضو ختم ڪرائڻ جي خاطري، احتجاج ملتوي

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ ) ڪينجھر ڍنڍ تي بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضي وارو مامرو، جھرڪ ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مک جوابدار کي شامل نه ڪرڻ توڙي ڪينجھر ڍنڍ ۾ لڳل بند ختم نه ڪرائڻ لاء سنڌ ملاح فورم، ڪي سي اين سميت سول سوسائٽي پاران سونڊا شھر ۾ ڏنل احتجاجي مظاھري جو ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان پاران نوٽيس وٺندي ملاح اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري مسئلن جي حل جي خاطري بعد احتجاج ملتوي ڪرائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس مڪلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان ملاح اڳواڻن جي وفد سنڌ ملاح فورم جي ڏاڏا آدم گندرو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر رئيس محمد سليم گندرو، ڪي سي اين جي ارشاد عمر گندرو، محمد ايوب ملاح ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري ڊي سي ٺٽو سان پڻ رابطو ڪرڻ بعد چيو ته ڪينجھر ڍنڍ ماھيگيرن جي روزگار سميت پاڻي پيئڻ جو وڏو ذخيرو آھي، جنھن تي ڪوبه قبضو برداشت نه ڪنداسين. ھن چيو ته قبضاگيرن تي ايف آءِ آر داخل ٿي ويئي آھي، رھيل سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ سميت سندن سرپرستن کي پڻ ظاھر ڪري انھن کي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويندو. ھن ان موقعي تي موجود ڊي ايس پي جھرڪ محمد يونس روڌناڻي کي حڪم ڪيو ته فورن رھيل سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ سميت ڪينجھر ڍنڍ ۾ لڳل بند فورن ختم ڪرائي ماھيگيرن  سان انصاف ڪري مقامي ماھيگيرن کي تحفظ ڏنو وڃي. ملاح اڳواڻن  ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان، ڊي ايس پي جھرڪ يونس روڌناڻي، ايس ايڇ او جھرڪ مصري خان کوسو جو ٿورو مڃيو جن تڪڙا قدم کڻي ڪيل قبضو خالي ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو