ڪوڙن ڪاغذن تي ڀرتي، پي آءِ اي مان 1500 ملازم فارغ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي آءِ اي ۾ جعلي ڪاغذن تي ڀرتي ڪيل 1500 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي. اهڙي ڄاڻ سينيٽ جي قائما ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي. سينيٽر هدايت الله موجب اجلاس ۾ هوابازي جي وزير ملڪ غلام سرور خان به شريڪ هو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يورپي يونين ڊسمبر ۾ آڊٽ ڪندي جنهن بعد يورپ ڏانهن اڏامون شروع ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪووڊ سبب 60 سيڪڙو آپريشن متاثر ٿيو آهي. سرور خان اجلاس کي ٻڌايو مته 2018 ۾ 67.4 ارب روپين جو نقصان ٿيو هو. 2020 ۾ 94 ارب 98 ڪروڙ جي آمدن ٿي ۽ آپريشنل خسارو 68 ڪروڙ رهيو. ايئر بس مان 41 ڪروڙ 20 لک ڪمايا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، پي آءِءِ اي ايئر ايشيا سان 40 لک ڊالر جي دعويٰ وارو معاملو به حل ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 262 پائلٽس جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، 50 پائلٽس جا لائسنس رد ڪيا ويا، 7 عدالتن ۾ ويا آهن، 32 پائلٽس جا لائسنس 6 مهينن کان هڪ سال جي مدت لاءِ معطل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو