ڪوڙن ٿريٽس سبب نيوزيلينڊ کي ڀڄايو ويو، وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ اطلاعات جي وزير فواد چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آھي تھ ڀارت مان ڌمڪين واريون اِي ميلز نيوزيلينڊ موڪليون ويون. جنهن ڊوائيس تان ڌمڪي موڪلي وئي اها ڀارت ۾ اهي. ڪرڪيٽ مامري تي هاڻي تماشو ختم ٿيڻ گهرجي، ٻيا به وڏا مسئلا آهن، مايوسي ڪفر آهي، اهو ڏينهن جلد ايندو جو دنيا جون سموريون ٽيمون پاڪستان اينديون. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان کي اڪيلو ۽ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي اڳتي وٺي وينداسين، فواد چوڌري چيو ته ڪوڙن ٿريٽس جي بُنياد تي نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو ختم ٿيو، احسان الله احسان جي نالي سان فيڪ آءِ ڊي ذريعي ٿريٽ پوسٽ ڪئي وئي ۽ نيوزيلينڊ کي حمزه علي جي نالي آءِ ڊي ذريعي ٿريٽ جي اي ميل اُماڻي وئي. هن چيو ته انٽر پول کي ٻنهي آءِ ڊيز جو پتو لڳائڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي، ڊسمبر ۾ ويسٽ انڊيز کي روڪڻ لاءِ هاڻي کان ئي احسان الله احسان جي آءِ ڊي ذريعي ٿريٽس اُماڻيا ويا آهن، آءِ سي سي کي ٿريٽس جي مامرن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، قانوني ماهرن سان مشاورت بعد انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ خلاف عدالت  وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو