ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو، ڳوٺاڻن جو با اثرن خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)ڳوٺ فقير عيدو کچي جي رهواسين محمد سليم کچي, محمد امين کچي, مير حسن کچي, وقار علي کچي بااثر جي زيادتين خلاف ڏيئي پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ذاتي زرعي زمين تي ٽريڪٽر ٻني ۾ کيڙي ڪري رهيو هو ته بااثر ماستر امام بخش ٽالپر ۽ ٻين ناجائزي ڪري ٽريڪٽر پٺيان ڪاهي پيا ڊرائيور ٽريڪٽر سميت ڀڄي جان بچائي, ۽ اهڙي واقعي جو اطلاع ڏيئي ٿاڻي تي به ڪيو آھي,  هنن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن پھرين اسان پنھنجي زرعي زمين تي پولٽري فارم ٺاهي رهيا هئاسين ته ان دوران به مداخلت ڪري ۽ بنا ڪنھن جواز جي اسان تي سول ڪورٽ ٽنڊوباگو ۾  درخواست پڻ داخل ڪرائي آھي, جيڪا اسان سان ناانصافي آھي, اسان شريف ۽ امن پسند ماڻھون آھيون اسان جي ڪنھن سان ڪابه دشمني يا اختلاف ناهين, سامھي ڌر جي اڳرائي جي ڪري ڪو وڏو حادثو ٿي سگھي ٿو, اسان آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪريون ٿا ته فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو