ڪوچ ڪلٽي 20 مسافر زخمي 5 جي حالت نازڪ

ڀٽ شاهه (ن سنڌيار) ڀٽ شاهه ويجهو ڪراچي کان  پنجاب ويندڙ تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. قومي شاهراهه تي جاڙا واٽر اسٽاپ وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، حادثي کانپوءِ امدادي ٽيمن پهچي زخمين کي ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو. حادثي جي زخمين ۾ پنهل، عامر، طارق،  يوسف، قيصر، غفار، ڪلثوم، آمنه،  هـُما، فريد، صابر، مزمل ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان  پنجن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو