ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڪ فوت هڪ زخمي

قبوسعيدخان(خادم حسين جاگيراڻي) ڪچي پل ڳوٺ عيد محمد جاگيراڻي ويجھو ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو واسي 50 ورھين جو بھادرمگسي فوت، صفر مگسي زخمي ٿي  پيو. جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.زخمي صفر مگسي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان لاڙڪاڻي کان ڪچي پل طرف وڃي رھيا ھئاسين ته ڳوٺ عيد محمد  جاگيراڻي ويجھو سندس خضدار طرف ويندڙ ڪوچ سان ڪراسنگ دوران ٽڪر ٿي پيو جنھن ڪري سخت زخمي ٿي پياسين. جنھن ۾ بھادر مگسي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس ڪوچ تحويل ۾وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو