ڪوڀر برادري جو پتافي برادري جي بااثر خلاف احتجاجي

ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو)ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ الاهي بخش ڪوڀر ۾ زمين جي مالڪي تان ڪوڀر ۽ پتافي برادرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، گذريل ڪافي ڏينهن کان هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند، رتوڇاڻ جو خطرو، ڪوڀر برادري جي عورتن جو پتافي برادري جي بااثر برڪت پتافي خلاف احتجاج، زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ الاهي بخش ڪوڀر ۾ 4 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان ڪوڀر ۽ پتافي برادرين ۾ ڇڪتاڻ هڪ دفعو ٻيهر تيز ٿي وئي آهي گذريل ڪافي ڏينهن کان هلندڙ تڪرار ۾ گهٽتائي ناهي اچي سگهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن جنهن سبب ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان هوائي فائرنگ پڻ ڪئي آهي جنهن سبب رتو ڇاڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي هوڏانهن ڪوڀر برادري جي عورتن جو ٻارڙن سان گڏجي نٽهڻ اس ۾ پتافي برادري جي بااثر برڪت پتافي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪوڀر برادري جي عورتن، مائي گل پري ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي 4 ايڪڙ زمين تي پتافي برادري جي بااثر برڪت پتافي مورچا هڻي هٿياربند ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن جنهن ڪري هو اسان کي اسان جي زمين تي اسان اچڻ به نه ٿا ڏين بااثر برڪت پتافي جي ماڻهن اسان مٿان فائرنگ به ڪئي آهي خدشو آهي ته هو اسان جي ماڻهن کي ماري نه وجهن هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بااثر برڪت پتافي خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو