ڪوٽ لالو روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت، مورو حادثي جو زخمي به فوت

دريا خان مري/ مورو(نمائندن وٽان) ڪوٽ لالو مهراڻ نيشنل هائي وي تي تيزرفتار جيپ جو وٽ ۾ ٻيٺل معصوم نينگر کي ٽڪر نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. هوڏانهن مورو ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل زخمي نوجوان نوابشاهه اسپتال ۾ اڄ فوت ٿي ويو. خبرموجب ڪوٽ لالو مهراڻ نيشنل هائي تي تيزرفتار جيپ جو ٽڪر لڳڻ سبب 13 سالا عاجز علي ولد خالد حسين راڄپر موقعي تي فوت ٿي ويو. جيپ مالڪ گاڏي سميت فرار ٿي ويو پر فيض گنج پوليس ناڪابندي ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي مورو ۾ ڪجھ ڏينھن پھريان  بائي پاس تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو ھو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار مستري استاد مجيد مغل جو ڀائيٽيو نوجوان غلام رسول مغل سخت زخمي ٿي پيو هو

جنھن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاھ منتقل ڪيو ويو ھو جيڪو اڄ فوت ٿي ويو جنھن جو مڙھ وارث پرائيويٽ ايمبولينس ذريعي مورو کڻائي آيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو