ڪوهلي ۽ ڌوني پاران اسپورٽسمينشپ جو عظيم مثال!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، پهريون ڀيرو 10 وڪيٽن تان پاڪستان کٽيو ۽ پهريون ڀيرو ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ملي. بلاڪ بسٽر ميچ ته پاڪستان کٽي ورتي پر ميچ کانپوءِ جنهن نموني پاڪستاني رانديگرن ڀارتي رانديگرن سان ملي جلي ويا اهو ڪمال جو مثال هو.

https://twitter.com/Danitweets___/status/1452341264549023752?ref_src=twsrc%5Etfw%7Ctwcamp%5Etweetembed%7Ctwterm%5E1452341264549023752%7Ctwgr%5E%7Ctwcon%5Es1_&ref_url=https%3A%2F%2Fimages.dawn.com%2Fnews%2F1188660

ڪرڪيٽ ليجنڊ ويرات ڪولهي ۽ مهيندر سنگهه ڌوني سان ڀاڪر پائي مليا ۽ سندن تصويرون سوشل ميديا تي وائرل ٿيون ڪرڪييٽ جا شوقين انهن تصويرن مان به خوب مزو ورتو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻنهي ڀارتي ڪرڪيٽرز اسپورٽسمين شپ جو جيڪو مظاهرو ڪيو اهو ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار لمحي طور ياد رکيو ويندو.

سوشل ميڊيا تي ٻنهي ملڪن جي شائقين ۾ جيڪا ميچ ڪالهه کان هلي رهي آهي اها به ڪافي مزيدار آهي. ميچ کانپوءِ ڪوهلي کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته اوهان روهت شرما کي ڇو کيڏايو ته ڪوهلي چيو ته اوهان ڇا ٿا چاهيو؟

ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي جي هن ٽورنامنٽ بعد ڪوهلي ڀارت جي ٽي توئنٽي جي ڪپتاني ڇڏي ڏيندو ۽ روهت شرما هن فارميٽ جو ڪپتان ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو