ڪوهستان جا مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا پورا ڪريو، پالاري

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ )ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ، ڪوھستاني عوام جي حقن لاء جدوجھد ڪندڙ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڪوھستان واسين کي ھميشه نظرانداز ڪري سندن حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن، پر ھاڻي ڪوھستان واسين سان ڪابه ناانصافي برداشت نه ڪنداسين. ھن چيو ته ضلع ڪائونسل ٺٽي جي ميمبر ايڊوڪيٽ ثناءاللهُّ سومرو پاران چيئرمين کي درخواست ڏيئي اجلاس گهرائي سندس پاران ڏنل ايجنڊا تي عمل ڪرايو وڃي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران سنڌ رائيٽس آف چلڊرن ايڪٽ 2013 تحت ضلعي ۾ قائم سمورن پرائيويٽ اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏيارڻ ۽ ڪوهستان جي زمينن جي غلط الاٽمينٽ ۽ جعلي کاتن بابت لائحه عمل جوڙڻ جي سفارش ڪئي ھئي، پر افسوس جو ضلع ڪائونسل ٺٽو پاران اجلاس ته گهرايو آھي، پر اجلاس مان ڪوهستان واري ايجنڊا ئي ختم ڪئي وئي آھي، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته 3 مهينا اڳ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين جيڪي واعدا ڪيا انهن تي به عمل ناھي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو