ڪوهستاني علائقي مارو جبل ۾ غار هٿ

ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ )جنگشاهي جي ڪوهستاني علائقي مارو جبل ۾ هٿ آيل غارن بابت آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن جي ٽيم پهچي تحقيق شروع ڪري ڇڏي، ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران مقرر ڪيل ماهرن جي ٽيم ڪي فور منصوبي لاءِ کوٽائي دوران ظاهر ٿيل هڪ ڊگهي غار ۽ ان مان نڪرندڙ ٻين غارن جو جائزو وٺي فوٽوگرافي ڪري علائقي واسين کان ڄاڻ ورتي. آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالفتاح شيخ ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي اڳواڻي ۾ پهتل ماهرن جي ٽيم ابتدائي تحقيق ۾ غار کي قدرتي قرار ڏيندي ان غار ۾ قديم دور ۾ انسانن جي رهائش توڙي جنگين جي دوران هن ڊگهي غار کي استعمال ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، آرڪيالاجي ماهرن جي ٽيم ۾ ڪراچي کان پهتل آرڪيالاجي ماهر مس زاهدا قاضي، آرڪيالاجي انجنيئر سرفراز جتوئي ۽ مڪلي قبرستان جي ڪيوريٽر غيور عباس شاه پڻ شامل هئا، آرڪيالاجي ماھرن آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالفتاح شيخ ۽ سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي موجب ابتدائي جائزي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊگھو غار قدرتي آهي جنهن جي منهن وارو حصو سنهو ۽ اندريون حصو ويڪرو آهي، مارُو جبل ۾ ظاهر ٿيل غار مان اندر مختلف غارون پڻ نڪرن ٿيون جيڪي انتهائي ڊگهيون آهن، تنهنڪري ان لاءِ جيولاجيڪل ٽيم کان مدد ورتي ويندي. ھنن چيو ته مارُو جبل ۾ ظاهر ٿيل غار جيتوڻيڪ قدرتي آهي پر دورِ قديم ۾ ان ۾ انسانن جي رهائش توڙي لڳندڙ جنگين ۾ انسانن پاران ان کي پناه گاه طور ان کي استعمال ڪرڻ جو امڪان موجود آهي. آرڪيالاجي ماهرن جي ٽيم پاران ماڻهن جي وڏي انگ ۾ غار تي پهچي اندر داخل ٿيڻ تي سخت خدشا ظاهر ڪندي ضلعي انتظاميه کي فوري طور تي ماڻهن جي غار ۾ داخل ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ڇاڪاڻ جو ڊگهي غار جي مختلف حصن ۾ تمام وڏا ۽ خطرناڪ قسم جا پٿر به موجود آهن جيڪي غارن ۾ اندر داخل ٿيندڙ ماهرن جي زندگين لاء خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا تنهنڪري ماڻهن جي غار ۾ داخلا کي روڪڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو