ڪوسٽل هاءِ وي شهيد نوشهري واسي جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

نوشهروفيروز( رپورٽ مشتاق حسين مري) مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي تي دهشتگردن هٿان شھيد ڪيل نوشھروفيروز واسي ذوالفقارمري کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ ڪوسٽ گارڊ جا آفيسر به شريڪ ٿيا. ڳوٺ عطا محمد مري جي رهواسي ذوالفقار مري کي سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو. اورماڙه لڳ ڪوسٽل هاءِ وي تان بسون روڪي سيڪورٽي فورسز سان تعلق رکندڙ 14 اهلڪارن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري کين بس مان لاهي سندن اکيون ۽ هٿ ٻڌي گوليون هڻي شهيد ڪيو هو. 28 سالن جو ذوالفقار مري 10 سال اڳ ڪوسٽل هاء وي ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو. کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. ذوالفقار موڪل وٺي ڳوٺ اچي رهيو هو ته شهيد ٿي ويو. شهيد سپاهي جي والد مزار خان چيو ته دھشتگردن سندس پٽ کي بيگناهه قتل ڪري ساڻس وڏو ظلم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو