ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ۽ گهرو وزارت جي هدايتن تي عمل

حيدرآباد(ن سنڌيار) حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر گهرو وزارت جي هدايتن تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب اسسٽنٽ ڪمشنر کي گهرو  وزارت جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته بنا ماسڪ جي گهرن مان نڪرندڙ شهرين جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شادي جي آئوٽ ڊور تقريبن جو وقت رات جو 9 وڳي تائين ڪيو وڃي. هدايتن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شادي جي تقريبن ۾ مهمانن کي ٿانون ۾ کاڌو کارائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي جڏهن ته مهمانن کي کاڌو صرف فوڊ باڪس ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سمورا ڪاروباري مرڪز شام جو ڇهين وڳي بند ڪيا وڃن جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪاروبار جي دوران ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪاروبار دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪانن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو