ڪورونا ڊيوٽي ڏيندڙ نرسون بنا ٽيسٽ گهر روانيون

سکر (جيرام داس )صحت کاتي جي مجرماڻي غفلت سامهون اچي وئي، قرنطينه سينٽر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ اڪثر نرسن کي بغير ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ جي گهرن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ نرسن پاران ڪرونا وائرس جو ٽيسٽ نه ٿيڻ سبب انتظاميا خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ويوآهي ته گذريل 25 ڏينهن کان قرنطينه سينٽر ۾ ڪرونا وائرس ۾ وڪوڙيل مريضن جي علاج لاءِ پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا رهيا سين هنن چيو ته اوهان سڀني جي ٽيسٽ ڪنداسين ۽ پوءِ موڪل ڏينداسين پر بنا ٽيسٽ جي اڄ گهر روانو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته کين رسڪ الالئونس ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو اهو به کين ناهي مليو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ ۽ اضافي پگهار ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو