اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ 15 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون. پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان ويڪسين کڻي اسلام آباد پهتو.اين سي او سي موجب سائنو ويڪ ويڪسين صوبن کي ڏني ويندي ايندڙ هفتي وڌيڪ 20 کان 30 لک خوراڪن جي کهيپ پهچندي. چين پاڪستان کي ويڪسين جي لاڳيتو سپلائي يقيني بنائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا آهن. ويڪسين کي وفاقي ادارن تائين پهچائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ويڪسين جي کوٽ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ شهري پريشان نظر آيا.واضح رهي ته سموري ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن سبب اڄ سنڌ ۽ پنجاب جا ڪورونا ويڪسين جا سينٽر بند آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ به ويڪسين ختم ٿي چڪي آهي.وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ قوم کي پهريان ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته 15 لک خوراڪون اڄ پاڪستان پهچي وينديون. اسد عمر چيو هو ته گذريل هفتي روزاني 3 لک 32 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. ايندڙ هفتي وڌيڪ رڪارڊ ٺاهينداسين.
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙ ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري
نواز شريف جا ٻئي پٽ نيب جي ٽن ڪيسن مان بري
توشه خانه ڪيس، نواز، زرداري، گيلاني بابت نيب کان رپورٽ طلب
ڪرمپور لاڙي وٽ ٿريشر جا 2ڪاريگر دڪان تان مبينا اغوا
شڪارپور ۾ سوئي گئس جو چوڪيدار ساٿي سميت اغوا
سرحد ويجهو 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت بازياب
وفد ۾ اتفاق نه ٿيو،مشن جي قيام ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ
تازي طوفاني برساتن بابت تفصيلي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت
ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اسحاق ڊار جا نامزدگي ڪاغذ منظور
پرويز الاهي جيل جي واش روم ۾ ڪري پيو،هڏي ڀڄي پئي: جيل رپورٽ
بجلي 5 روپيه في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان
پوليس مراد سعيد ۽ پرويز الاهي جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
لاهور ۾ پاڪستان جو پهريون آءِ ٽي سٽي ٺاهي رهيا آهيون:مريم نواز
سني اتحاد ڪائونسل پاران احمد خان مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد
ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان، انڊيڪس 664 پوائنٽن جو اضافو
صدر ۽ وزيراعظم نيب جا گريجوئيٽ آهن: شاهد خاقان عباسي
چاغي سميت پاڪ ايران سرحدي علائقن ۾ زلزلو، شدت 5.4 رڪارڊ
ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪاروائي جي ملتوي
ڪينيڊين پارليمنٽ ۾ فلسطين جي ھڪ ۾ ٺھراءُ منظور
اڏام دوران موت کي ويجھو کان ڏٺو: سميع خان