بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙن جو تعداد 259 ٿي ويو آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق ڪورونا وائرس ۾ وڌيڪ 49 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ فوت ٿيندڙن جو مجموعي تعداد 259 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته وائرس سان هن مهل تائين 11 هزار 791 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اقوام متحده جي صحت بابت اداري ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جنيوا ۾ ٿيل اجلاس ۾ جائزو وٺڻ بعد دنيا ۾ تيزي سان هن وائرس جي ڦهلجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ان لاءِ هنگامي بنياد تي اپاءَ وٺڻا پوندا. ڊبليو ايڇ او، جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڌانوم گيبريسس نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته جيتري تيزي سان هي وائرس ڦهليو آهي اڳ ۾ ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو. ياد رهي ته هي وائرس دنيا جي 20 ملڪن تائين ڦهلجي چڪو آهي ۽ 8 هزار کان مٿي ماڻهو ان جو شڪار ٿي چڪا آهن. هن وقت تائين چين ۾ وائرس سبب مرندڙن جو انگ 259 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي چيني سائنسدانن وائرس جي شڪار 9 مريضن کان ورتل سيمپلز جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد چيو آهي ته حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته 10 جينوم سيڪوئنسز ۾ 99.98 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته هي ڪنهن هڪ ئي جانور مان ڦهليو آهي ۽ ممڪنه طور اهو چمڙو ٿي سگهي ٿو. چين جي طبي جرنل لانسيٽ ۾ شانگ ڊونگ فرسٽ ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماهرن جي تحقيقاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وائرس جو ذريعو هڪ ئي آهي، جيترو تيزي سان هي ڦهليو اوترو ئي تيزي سان ان بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن جانورن جي مارڪيٽ مان هي وائرس ڦهليو آهي ان ۾ چمڙا وڪرو ناهن ٿيندا جنهن سبب لڳي ٿو ته چمڙي مان ڪنهن ٻئي جانور هن وائرس جي ميزباني ڪئي آهي جنهن جو اڃا پتو ناهي پئجي سگهيو. اڃا اهو به ڏسڻو آهي ته هن وائرس نانگن کي متاثر ڪيو آهي يا نه. ڇو ته نانگ ان مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندا آهن. .
صدر سان ميريٽ جي ملاقات، واپار ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي اتفاق
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر منتخب
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پيٽروليم شين تي وڌيڪ 20 کان 30 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز
سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال، ايپ به تيار
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس