ڪورونا وائرس سبب ڊيوٽي ڪندڙن کي خراج پيش

نوشهروفيروز / بينظيرآباد (نمائندن وٽان) ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج ڪندڙ ۽ امن امان سان لاڳاپيل ذميواريون نڀائيندڙ عملي جي همت افزائي لاءِ نوشهرو فيروز ۽ بينظير آباد ضلعن ۾ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون.ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ عزم و همت جا 100 ڏينهن جي عنوان سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪورونا وائرس سان وڙهندي 91 ملازم پاڻ ڪورونا جو شڪار ٿيا جن ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملي کان سواءِ پوليس، ريينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان پڻ شامل آهن. هن چيو ته  ايندڙ وقت وڌيڪ خراب به ٿي سگهي ٿو ۽ بهتر به ٿي سگهي ٿو پر اسان سڀني کي فيس ماسڪ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ پنهنجا هٿ صاف رکڻا آهن ۽ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته فرنٽ لائن ورڪرز ۾ ڊاڪٽر ،پيراميڊيڪل عملو،قانون لاڳو  ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، احساس پروگرام جو عملو، نادرا ، پوليس ، روينيو کان علاوه ٻين کاتن جا اهلڪار شامل آهن انهن سڀني جي تمام گھڻو ٿورائتو آهيان  ۽ انهن جي خدمتن جي ساراهه ڪيان ٿو.  ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جي شهري جنهن پنهنجو پلازمه ڊونيٽ ڪيو ان جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو ته اسان جي ضلعي ۾  هڪ لک 57 هزار شهرين کي ان ڪورونا خلاف مهم دوران 12 هزار رپيا ڏنا ويا.

Photo Sindhyar

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سول اسپتال ۾ 20 بسترن تي مشتمل  ايڇ ڊي يو وارڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آڪسيجن، ايئرڪنڊشنر ۽ ڪورونا جي علاج جي سهولت موجود آهي. ان کان اڳ ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو چيو ڪورونا خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽرن جو اهم ڪردار آهي ڪورونا ۾  ماڻهو مريض کي ڇڏي ويندا آهن مگر ڊاڪٽر علاج لاءِ موجود هوندو آهي. هن ميڊيا جي ڪرادر جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ميڊيا ذريعي شهرين کي ڪورونا بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان پروگرام ۾ پلازمه عطيو ڪندڙ عباس علي کان سواءِ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي، پوليس، رينجرز، پاڪ فوج، روينيو ۽ اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي مڃتا سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا.نوابشاهه ۾ ڪرونا وائرس جھڙي خطرناڪ وبا سان فرنٽ لائين تي وڙھندڙ ڊاڪٽرن،پيراميڊيڪل عملي ۽ ٻين ماڻھن کي ھمٿائڻ ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ضلع انتظاميه شھيد بينظيرآباد پاران قومي عزم جا 100 ڏينھن جي عنوان سان ھڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جنيد حميد سمون ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر آصف رضا بروھي پي ايم سي اسپتال نوابشاهه پھچي ڪرونا خلاف فرنٽ لائين تي ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن،پيراميڊيڪل عملي کي گلن جا ھار پارائي کين گلدستن جا تحفا ڏنا ويا ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ويو ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون چيو ته اسان جو ملڪ ڪرونا جي وبا کي گذريل ھڪ سو ڏينھن کان منھن ڏئي رھيو آھي ۽ ھن وبا سان فرنٽ لائين تي مقابلو ڪندڙ ڊاڪٽر،پيراميڊيڪل عملو، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اھلڪار اسان جا ھيروز آھن ضلع انتظاميه ۽ عوام پاران  کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ھن وڌيڪ چيو ته اسان اڃان ان مرحلي تائين ناھيون پھتا جو اھو چئي سگھون ته اسان ھن وبا تي مڪمل ضابطو آندو آھي پر جيڪي ماڻھون ھڪ سو ڏينھن کان لڳاتار محنت ڪري ھن وبا سان وڙھي رھيا آھن انھن جي محنت کي ساراھڻ ۽ کين ھمٿائڻ لاءِ ھي پروگرام منعقد ڪيو ويو آھي ھن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس جو خاتمو تڏھن ممڪن آھي جڏھن عوام حڪومت ۽ صحت کاتي پاران ڏسيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي ھن عوام کي اپيل ڪئي ته ڪرونا وائرس خلاف ھن ويڙھ ۾ انتظاميه جو ساٿ ڏين ۽ بنا ڪنھن ضروري ڪم جي گھرن کان نڪرڻ کان پاسو ڪن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر آصف رضا بروھي چيو ته ڪرونا وائرس خلاف فرنٽ لائين تي وڙھندڙ اسان جا ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل عملي کي سلام پيش ڪيون ٿا جيڪي پنھنجي جان جي پرواھ نه ڪندي به عوام جي جان بچائڻ لاءِ ڏينھن رات پنھنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رھيا آھن ھن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس کي صرف احتياط سان ئي شڪست ڏئي سگھجي ٿي ان لاء عوام احتياطي اپائن تي عمل ڪري ته جئين ھن وباء تي جلدي ڪنٽرول ڪري سگھجي بعد ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون شيراز چوڪ تي عوام ۾ آگاھي بيدار ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪري عام ماڻھن ۾ سينيٽائيزر ۽ ماسڪ پڻ تقسيم ڪيا ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ عوام کي احتياطي تدبيرن بابت آگاھي ڏني.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر آصف رضا بروھي، انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي سميت صحت کاتي جا عملدار پڻ موجود ھئا

پهنجو تبصرو موڪليو